رنگ رتو آڪاس2

رنگ رتو آڪاس2

رنگ رتو آڪاس2

رنگ رتو آڪاس2 (ڪتاب): هيءُ ناليواري شاعر ۽ قومپرست اڳواڻ نواز خان زنئور جي نثري ٽڪرن جو مجموعو آهي، هن ڪتاب جي ارپنا سنڌ جي نامياري قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر جي نالي ڪئي وئي آهي ۽ ان جي هيٺان شيخ اياز جي هڪ نظم جو بند ڏنو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ’صوفيءَ جي دل جهڙي صنف‘ جي عنوان سان ليکڪ خود لکيو آهي، جنهن ۾ هو ڪتاب جو خلاصو بيان ڪندي لکي ٿو ته: ’رنگ رتو آڪاس‘ جو هڪڙو خاص پاسو هي به آهي ته هنن ئي صفحن ۾ مون ڪن تاريخي مامرن، خاص طور تي صوفي شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ ڏانهن شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي رويي جي نسبت به خيال آرائي ڪئي آهي. يقيناََ اهي مامرا ڇنڊ ڇاڻ جا گھرجائو آهن. جن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻ سان سنڌ جي تاريخ تان وڏي دز صاف ٿي ويندي ۽ کوڙ سارين غلط فهمين جو خاتمو ٿيندو.“
ڪتاب ۾ آيل نثري ٽڪرا نهايت معنيٰ خيز ۽ تاريخي حوالن سان ڀرپور آهن ۽ ڪيترين شخصيتن جا مختلف نثري ٽڪرا به نقل ڪيا ويا آهن. رنگين ٽائيٽل ۽ 96 صفحن تي مشتمل، ڊيمي سائيز جي هن ڪتاب جي قيمت 100 روپيا آهي، جنهن کي 2010ع ۾ سنڌي ساهت گھر حيدرآباد پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو